SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


جدائي- عليحدگي


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


جدائي- عليحدگي

Secession

سَسيشن

نامياري سماجي سائنسدان ”ميل“ (James Mayall )جي 1990ع ۾ ڏنل وضاحت موجب هي اصطلاح ساڳئي ملڪ ۾ باشندن طرفان پنهنجي لاءِ الڳ آزاد علائقي جي گهر جي حوالي سان استعمال ٿئي ٿو. ڪنهن رياست اندر جيڪڏهن مختلف علائقن ۾ مختلف ٻوليون ڳالهايون وڃن ۽ ان رياست جي حڪومت هر علائقي کي برابريءَ جي بنيادن تي نه ٿي ڏسي، ته پوءِ اهي علائقا پاڻ کي ”نظر انداز ٿيل“ سمجهن ٿا ۽ منجهن حڪومت ۽ رياست کان الڳ ٿيڻ جو خيال اڀري ٿو. هن قسم جو احساس هميشه اهڙي شديد قوم پرستيءَ کي جنم ڏيندو آهي، جنهن ۾ لساني متڀيد مرڪزي حيثيت رکندو آهي. اڄ تائين دنيا ۾ عليحدگي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪافي تحريڪون هليون آهن. مثال طور، آمريڪا جو ملڪ آزاديءَ کانپوءِ اتر ۽ ڏکڻ وارن ٻن حصن ۾ ورهايل هيو، پر 1860ع کانپوءِ آمريڪا جي صدر ابراهام لنڪن Anti Slavery (غلاميءَ جي خاتمي) واري ڀرپور مهم هلائي، آمريڪي رياستن جي اتحاد کي مضبوط ڪيو . ان کان پهريائين رياستون آمريڪي ”يونين“ منجهان ڌار ٿيڻ لڳيون هيون . ا نهيءَ صورتحال سبب آمريڪا جي ٻن حصن م ورهائڻ جو خطرو پيدا ٿي پيو . ان سلسلي ۾ چئن سالن جي ڊگهي گهرو لڙائيءَ کان پوءِ 1864ع ۾ آمريڪا ٻيهر متحد رياست بڻجي اُڀريو .تازو 2008ع جي شروع ۾ ”ڪوسوو“ طرفان يوگو سلاويه جي فيڊريشن کان ڌار ٿيڻ وارو عمل، هن اصطلاح جو وڏي ۾ وڏو مثال آهي .” سيشن“ جو عمل ڪن هنڌن تي پر امن طريقي سان ٿيندو آهي، ته ڪن هنڌن تي گهرو لڙائيءَ يا تشدد کان پوءِ ممڪن بڻبو آهي. جيئن ”ڪوسوو“ جي يوگو سلاويه کان عليحدگي ڪافي خون خرابي کان پوءِ وجود ۾ آئي. علحيدگيءَ جو وڏي ۾ وڏو سبب، سياسي قيادت جون غلط پاليسيون هونديون آهن. ڪابه رياست علحيدگيءَ واري صورتحال کان تڏهن ئي بچي سگهي ٿي، جڏهن اها پنهنجي رياستي حدن ۾ موجود هر علائقي کي برابريءَ جي بنياد تي حق ڏئي ۽ انهن علائقن ۾ رهندڙ شهرين کي بنيادي انساني حق ۽ سهولتون مهيا ڪري


Remember Me Also:

چوٺ

صفت. ڪَنجوُس ، مرچوٽ ، بَخيل.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal